اياز امر شيخ

اياز امر شيخ

اياز امر شيخ

اياز امر شيخ: مشھور شاعر اياز امر شيخ جو جنم 5 فيبروري 1977ع تي ڳوٺ گاهي خان شيخ تعلقي ۽ ضلعي سجاول ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۽ سجاول مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ بي ايس سي جي ڊگري زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان حاصل ڪئي. سندس شمار نئين ٽھي جي سٺن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”سونهن موڙيون آرسون“ (شاعري: 2005ع)، ”سنڌ جو چنڊ“ (شاعري: 2008ع)، ”ٽٽل ٽڪرا وجود جا“ (نثري ٽڪرا: 2009ع)، ”ڪلا جي ڪائنات ۾“ (شاعري: 2011ع)، ”صليب جو سڏ“ (شاعري: 2013ع)، ”اڌ وڍيل آواز“ (شاعري: 2018ع) ۽ ”تنهنجي وڃڻ کانپوءِ“ (نثري نظم: 2019ع) ڇپجي چڪا آهن. اياز امر شيخ جو پيشو زمينداري آهي ۽ پاڻ سجاول کان ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ گاهي خان شيخ ۾ رهي ٿو. کيس سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين ادارن طرفان شاعريءَ جا اوارڊ به مليل آهن.


لفظ اياز امر شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو